باب ويھون

 

ڪاميٽيون

 

الف۔ اسٽينڊنگ ڪاميٽيون

 

۱۶۱۔اسٽينڊنگ ڪاميٽيون:۔

 

(۱)حڪومت جي ھر ھڪ کاتي يا کاتن لاءِ ھڪ اسٽينڊنگ ڪاميٽي ھوندي۔

 

(۲)جڏھن کاتن جي جوڙجڪ يا انھن جي نالن ۾ ڪا تبديلي ھجي تہ اسپيڪر، وزير قانون ۽ پارلياماني معاملا ۽ واسطيدار وزير جي صلاح سان موجودہ اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي ٻيھر مختصي جي حوالي سان جھڙي بہ صورتحال ھجي تہ انھن جي نالن ۾ تبديلي ۽ نئين اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي چونڊ لاءِ ھدايتون جاري ڪري سگھي ٿي۔

 

(۳)قاعدن ۱۸۹، ۱۹۵، ۱۹۷،۱۹۹  ۽ ۲۰۱ تحت اسٽينڊنگ ڪاميٽيون عام چونڊون کان پوءِ چونڊيون وينديون، ھيٺ ڄاڻايل اسٽينڊنگ ڪاميٽيون ھر کاتي جي سامھون ڏيکارجن ٿيون جيڪي اسيمبلي جي مدت تائين قائم رھنديون۔

 

 

 

سلسلو نمبر ڪاميٽي جو نالو کاتو
۱ زراعت اسٽينڊنگ ڪاميٽي زراعت
۲ صنعت ۽ واپار تي اسٽينڊنگ ڪاميٽي صنعت ۽ واپار
۳ ڪم ڪار ۽ خدمتن تي اسٽينڊنگ ڪاميٽي ڪم ڪار ۽ خدمتون
۴ امدادي باھمي تي اسٽينڊنگ ڪاميٽي امدادي باھمي
۵ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات تي اسٽينڊنگ ڪاميٽي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات
۶ ھائير ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ۽ ريسرچ اسڪول ايجوڪيشن (ميٽرڪ تائين ۽ خاص تعليم) ھائير ٽيڪنيڪل ۽ ريسرچ اسڪول، ايجوڪيشن ۽ خصوصي تعليم
۷ جھنگلات، جھنگلي جيوت ۽ ماحوليات تي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جھنگلات، جھنگلي جيوت ۽ ماحوليات
۸ آبڪاري، محصولات ۽ منشيات تي اسٽينڊنگ ڪاميٽي آبڪاري، محصول ۽ منشيات
۹ ماليات تي اسٽينڊنگ ڪاميٽي ماليات
۱۰ خوراڪ تي اسٽينڊنگ ڪاميٽي خوراڪ
سلسلو نمبر ڪاميٽي جو نالو کاتو
۱۱ چوپايو مال ۽ ماھيگيري تي اسٽينڊنگ ڪاميٽي