اجلاس – مان مراد اسيمبلي جو اجلاس آهي جيڪو اسيمبلي جي پهرين گڏجاڻي ڪان شروع ڪي ان ڏينهن تي ختم ٿئي جڏهن اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاڻايل مدي تائين برخاست ڪيووڃي.
اسپيڪر – مان مراد اسيمبلي جو اسپيڪر آهي، ان م ڊپٽي اسپيڪرياٺيو ميمبر به شامل آهي جيڪو وقتي طور آئين مطابق اسپيڪر جا فرض بجا آڻي رهيو هجي.
اسٽينڊنگ ڪاميٽي – مان مراد قانون سازاداري جي هڪ مستقل ڪاميٽي آهي. جيڪا معاملي سان لاڳاپيل سڀني مسئلن تي غور ڪرڻ لاءِ جوڙي وئي هجي.
اسيمبلي – مان مراد سنڌجي صوبائي اسيمبلي.
اسيمبلي جي حد – مان مراد اسيمبلي چيمبر،عمارت،صحن،باغيچا،ڪاميٽي روم سان منسلق، هال سميت ميمبرن جون لابيون، گئلريون، اسپيڪر۽ ڊپٽي اسپيڪر جا عملا اسيمبلي بلڊنگ ۾ وزيرن جون ۽ شامل پيون سرڪاري آفيسون ۽ اسيمبلي سيڪريٽريٽ جون آفيسون ۽ ڪي ٻيون جڳهيون جيڪي اسپيڪر پاران ڪنهن مخصوص وقت لاءِگزيٽ۾ ڄاڻايون.
اڻ نشان ٿيل سوال – مان مراد اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب تحريري ڏيڻو هجي.
ايڊوڪيٽ جنرل – مان مراد هڪ شخص جيڪوآئين جي آرٽيڪل ۱۴۰ تحت صوبي لاءِ ايڊوڪيٽ جنرل طور مقرر ٿيل هجي.
ايڪٽ – مان مراد اسيمبلي پاراڻ پاس ڪيل ۽ گورنر پاراڻ منظورڪيل هجي.
ايوان – مان مراد اسيمبلي جو چيمبرآهي جتي قانون سازاداري جو اجلاس ٿيندو آهي.
ايوان جو اڳواڻ – مان مراد وزيراعليٰ يا ان پاران هڪ ميمبر جيڪو سرڪاري نمائيندي طور اسيمبلي ۾ سرڪاري ڪاروائي هلائڻ لاءِ مقرر ٿيل هجي.
آڊيٽرجنرل – مان مراد آئين جي آرٽيڪل ۱۶۸ تحت آڊيٽر جنرل آف پاڪستان مقرر ڪيو وڃي.
آرٽيڪل – مان مراد آئين جو هڪ آرٽيڪل.
آئين – مان مراد اسلامي جمهوريه پاڪستان جو ۱۹۷۳ جو آئين.
بجٽ – مان مراد آئين هي آرٽيڪل ۱۲۰ تحت ساليانو بجٽ گوشوارو.
بل – مان مراد هڪ تجويز ڪيل مسوروجيڪو اسيمبلي ۾ پيش ڪيوويوهجي پراڃان تائين قانون نو بڻايوهجي۽پاس نه ڪيوويوهجي۽عمل۾ نه آيو هي.
پارلياماني سيڪريٽري – مان مراد هڪ ميمبر آهي جيڪو وزيراعليٰ پاران مقرر ڪيل هجي.
پيش ڪندڙ – مان مراد هڪ ميمبر جيڪو هڪ بل هڪ قرارداد، تحريڪ يا ترميم پيش ڪري.
تحريڪ – مان مراد ڪنهن ميمبرجي پيش ڪيل اهڙي تجويزآهي جيڪاڪنهن اهڙي معاملي متعلق هجي جنهن ڪي اسيمبلي ۾ بجٽ هيٽ آڻي سگهجي.
ترميم – مان مراد بل، تحريڪ يا ٺهراءُ ۾ تبديلي ڪئي وحي.
ٺهراءُ – مان مراد هڪ تحريڪ جيڪا گڏيل عوامي مفاد واري معاملي تي ڪرڻ۽ ان تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ آهي ۽ جنهن ۾ آئين مطابق هڪ ٺهراءُ شامل آهي.
جنس – مان مراد مذڪرجنس لاءِ چيل لفظ جنس مونث لاءِ به ڇياويندا۽واحدجالفظ پڻ جمع ۾ استعمال ٿيندا وغيره وغيره.