گورنر :

گورنر ڪي صوبائي اسيمبلي سنڌ ڪي ختم ڪرڻ جو اختيار آهي. جيڪڏهن وزيراعليٰ پاران مشورو ڏنو ويوهجي. صوبائي اسيمبلي سنڌ پاران پاس ڪيل بل قانون ٿي ويندو جڏهن گورنر ان ڪي منظور ڪري. صوبي جي انتظامي اختيارتي ان تي گورنرجي ناڪي هيٺ عملدرآمد ڪرائيندي، درحقيقت انتظامي اختياري وزيراعليٰ۽ڪابينه ئي هوندي.

اسپيڪر:

اسپيڪر صوبائي اسيمبلي سنڌ پاران گجهي راءِ شماري ذريعي منتخب ڪيو ويندو آهي. اسپيڪر ايوا جي ميمبرن جي حقن۽ استحقاقن جو هڪ غيرجانبدار نگهبان ۽ اسيمبلي ۾ مرڪزي حثيت رئندو آهي. جيتو ڻيڪ هڪ سياسي پارڻي جي نامزدگي طور منتخب ٿيل هوندو. اسپيڪر جو فرض غير جانبدارمنصف طور ۽ ڪاروائي جي ترتيب جو بندوبست جهموري دستورسان ٺهيل هوندو اسپيڪر حڪومتي ۽ مخالف ڌرجي بئنچن جي وچ۾ توازن پيدا ڪندوآهي.

اسپيڪر شپ جي روايت:

اسپيڪر جي آفيس لڳاتار جمهوري روايتن جو هڪ مثال آهي، اسپيڪر اسيمبلي جي چيمبر۾هڪ عصابردار دربان جي اڳليان داخل ٿئي ٿو، جيڪو اسپيڪرجي آفيس جو اهڃاڻ آهي، جڏهن اسپيڪر اسيمبلي هال ۾ داخل ٿئي ٿو ته ميمبر ڪهدي جي مان ۾ اٿي بيهن ٿا.

اختيار ۽ ڪم:

  • اسپيڪر فيصلو طئي ڪري ٿو ته ڪهڙو ميمبرايوان ۾ ڳالهائين واتي ڪوطئي ٿيل طريقو نه آهي. هڪ ميمبر جيڪو ڳالهائڻ چاهي ٿو اهو اسپيڪر جي توجه حاصل ڪندو يعني اجازت گهرندو. اسپيڪر مختلف پارٽين جي ميمبرن ڪي ايوان ۾ پنهجو موقف بيان ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو، پوءِ اسپيڪر انهن ڪي تسليم ڪري ٿو جن ڪي زير بحث موضوءِ تي خاص معلومات حاصل آهي.
  • اسپيڪر قاعدن جي تشريح ۽ استعمال ڪري ٿو جن ڪي ايوان جا اسٽينڊنگ آرڊرزچئجي ٿو. اپيڪر جو فيصلو حتمي آهي، ان تي تنقيدي تحريڪ پيش ڪرڻ سان چئنلنج ڪري سگهجي ٿو، جيڪو گهٽ ئي ٿيندو آهي جڏهن به ڪو ميمبر پوائنٽ آف آرڊرز اٿارتي ٿو، اسپيڪر ڪي رولنگ ڏيڻي آهي. جيڪڏهن ڪنهن معاملي تي مختلف روايتون آهن. اسپيڪر ڪي نئين رولنگ ڏيڻ جو اتحقاق آهي. اسپيڪر رولنگ ڏيڻ ۾ غير جانبدار آهي. اسپيڪر يقيني بنائي ٿو ته مباحثا مانا ئتي۽ سليقي سان ٿين ٿا، تحريڪون ۽ سوال ايوان ۾ رڪي ٿو۽فيصلن جواعلان ڪري ٿو. اسپيڪر طئي ڪري ٿو ته ڪهڙن سوالن ڪي نوعيت ڏجي  اهي ئي فقط وزيرن ڪان